شمل خاتون

شمل خاتون: مشهور سياسي اڳواڻ شمل خاتون ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي رهاڪو هئي. شمل خاتون 1979ع ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ عورتن جي نمائندي جي حيثيت ۾ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جي ڪائونسلر چونڊي. ڪيترو وقت ضلعي رابطا ڪاميٽي جي ڪائونسلر پڻ رهي. ان کان سواءِ لاڙڪاڻي جي عورتن جي تنظيم جي ضلعي چيئرپرسن پڻ رهي. شمل خاتون عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس تعلق هڪ اهڙي قبيلي سان هو جتي عورت جي ٻاهر نڪرڻ تي به پابندي هوندي هئي، پر هُن سمورين رڪاوٽن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ڪيترن ئي ڇوڪرين کي پنهنجي ذاتي خرچ تي اسڪول ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ويهاريو. هن عورت تنظيم جي اڳواڻ هجڻ دوران عورتن جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو. ان دوران ڪيترن ئي عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف آواز اٿاري سندن مدد ڪيائين. شمل خاتون عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي جدوجهد دوران ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيو. سندس واسطو سياسي طور پ پ پ سان رهيو. شمل چانڊيو، 27 اپريل 2000ع تي وفات ڪئي


لفظ شمل خاتونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو